Four symbols of Indus script are inscribed on the stone in Khirthar Mountain Range near Wahi Pandhi town about 150 km away from Mohenjo Daro towards west south. @yajnadevam
Would like to give your opinion?
ڄاڱري ٻير
سنڌ جي جابلو سلسلي، خاص طور کيرٿر سلسلي جي ڪنار سان يا جبل اندر ڄاڱري ٻير جو وڻ ٿئي ٿو جنهن کي ڇاپرو، جهنگلي ٻير پڻ سڏبو آهي. ڇپر جبل کي چئبو آهي تنهن ڪري ڇاپرو سڏجي ٿو. ڄاڱري ٻير جو وڻ ننڍو ۽ ان ۾ ڪنڊا گهڻا ٿئن ٿ؛. ڄاڱري ٻير ننڍا، ڏاڍا مٺا ۽ ذائقيدار ٿيندا آهن..
غزل
پيار جي ڳالھ ڦهلجي وئي هئي.
شهر ڳَليُن ۾ اُڇلجي وئي هئي.
لوڪ خنجر کڻي هنيا مهڻن جا،
درد ۾ دل ئي دهلجي وئي هئي.
روڳ ۾ ڌڙڪنون ٽُٽل گهنگهرُو،
سوڳ ۾ دل وِکيرجي وئي هئي.
نيڻ آلن ۾ لڙڪ ٽانڊا ها،
دل وڇوڙي ۾ پڄرجي وئي هئي.
نانءُ تنهنجي سان ٿِي جُڙڻ چاهيان،
هُن جي خواهش ئي رولجي وئي هئي.
سُرڪ عيوض پيار جو سمُنڊ ارپي،
ميڻ وانگر سڄي پگهرجي وئي هئي.
آخري بار هئي ملي محفل ۾،
آڻي ڀاڪُر ۾ دهلجي وئي هئي.
عشق ساگر جي ڇوھ ڇولين ۾،
ٻيڙِي جيون جي ڌوڏجي وئي هئي.
A world heritage site of Makli is on the verge of destruction. Cracks have appeared in the tomb of Jam Nizamuddin alias Jam Nindo, while the tomb of Noori Jam Tamachi is being supported by girders. The Sindh Culture, Tourism and antiquity development is deep slumbered.
غزل
عزيز ڪنگراڻي
عشق آويءَ بڻيو پَچي به مُرڪياسين.
درد جي آرِيءَ ۾ اچي به مُرڪياسين.
بِرھ جي بحر ۾ بڻي دل سُهڻي،
پيار دريا تَرِي لُڇِي به مُرڪياسين.
شوق جي آڳ دل اَرُوڙِيءَ کي لڳِي،
پڄري روز مَن دُکِي به مُرڪياسين.


















